وفا اسلم شيخ

وفا اسلم شيخ

وفا اسلم شيخ

وفا اسلم شيخ: ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس. وفا اسلم جو پورو نالو محمد اسلم شيخ آهي. هن 18 آڪٽوبر 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس تعليم ايم اي سنڌي، ايم اي معاشيات ۽ ايم سي ايس (ڪمپيوٽر سائنس) آهي. وفا اسلم اٺ سال لاڙڪاڻي جي پھرئين پرائيويٽ اداري ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس ۾ هڪ استاد طور خدمتون انجام ڏنيون. بعد ۾ موبلنڪ ڪمپنيءَ ۾ ٽرانسميشن انجينئر طور سکر ريجن ۾ سيليولر ڪوريج (موبلنڪ جا ٽاور) لڳائي سنڌ جي انيڪ شھرن ۾ نيٽ ورڪ ڏنو. هن وقت ميسڪام ٽيليڪام ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. وفا اسلم 1987ع کان لکڻ شروع ڪيو. ابتدائي طور شاعري، ان بعد ڪھاڻيون ۽ پوءِ ڪيترائي ئي ڪالم ۽ مضمون لکيا. سندس مضمون، ڪالم ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’جيون تنھنجي نانءُ‘ (ڪھاڻيون: 2006ع) ۽ ’عدد ناھي عشق‘ (ڪھاڻيون :2021ع) شامل آهن. وفا اسلم سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو خزانچي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان (لاڙڪاڻو) ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو ميمبر آهي. کيس علمي، ادبي مڃتا طور مليل اوارڊن ۾: ”ڪھاڻي اوارڊ“ (انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي: 2022ع)، ”بيسٽ پرفارمنس اوارڊ“ (موبلنڪ ڪمپني: 2007ع)، ”مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ڪھاڻي اوارڊ“ (سنڌ رنگ ڊائجسٽ: 2002ع)، ”مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ڪھاڻي اوارڊ“ (هالار ڊائجسٽ: 2003ع)، ”بيسٽ ٽيچر اوارڊ“ (ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻو: 2000ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.10.18  عيسوي

ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس. وفا اسلم جو پورو نالو محمد اسلم شيخ آهي. هن 18 آڪٽوبر 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻانهون خان شيخ
آئزن هاور
چغتائي خان
سورٺ ٿيٻو
حاجي عبدالستار
رحمان قلي چرڪس
ڀڳت چنديرام
ابڙو غلام ھالائي
رئيس ضياءُ الدين ضيا
حبيب ابراهيم رحمت الله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون